مواد ڏانھن هلو

ٺيڙھي ڪوس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٺيڙھي ڪَوسُ
Therhi Massacre
سلسلو پاڪستان ۾ فرقي واراڻو تشدد
ٺيڙھي is located in پاڪستان
ٺيڙھي
ٺيڙھي
ٺيڙھي (پاڪستان)
جڳههٺيڙھي، سنڌ، پاڪستان
تاريخ03 جون 1963
حدفشيعا
قسم حملو
ماس مرڊر Mass murder
هٿيارڪليئور يا ڇُري، ڪاسائيءَ جي ڪاتي ۽ چاقو[1]
فوتگيون118[2]
حملي آوارٺيڙھي جو ھڪ ديوبندي مدرسو[3]
مقصدفرقيواريت

ٺيڙھي قتل عام هڪ وڏي نسل ڪشي هئي. 3 جون 1963ع تي عاشورا جي ڏينهن تي، ٺيڙھي ڳوٺ، سنڌ پاڪستان ۾ شيعن تعزيه کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن اها خبر خيرپور جي ويجهي وهابي مدرسي تائين پهتي، ته مدرسي جا شاگرد ٺيڙي ويا ۽ تعزيه ۽ امام بارگاهه ٻنهي کي ساڙي ڇڏيو. ڪيترن ئي ماڻهن کي جيئرو ساڙيو ويو ۽ ٻين کي، تلوارن، ڇرين، خنجرن ۽ گوشت ڪٽڻ واري بغدن سان قتل ڪيو ويو.[4]

پريس واقعن کي صحيح طرح سان نه ڍڪيو، ۽ مجرمن ۽ متاثرين ٻنهي جي سڃاڻپ لڪائي وئي. 16 جون تي، ڇهن ديوبندي تنظيمن لاهور ۾ هڪ عوامي اجلاس جو بندوبست ڪيو، جتي انهن متاثرين کي تشدد جو ذميوار قرار ڏنو. جولاءِ ۾، فسادن جي جاچ لاءِ هڪ ڪميشن مقرر ڪئي وئي. ان جي رپورٽ ان سال ڊسمبر ۾ شايع ٿي، پر ان ۾ ڪنهن به فرد يا تنظيم جو نالو نه هو. جيتوڻيڪ هي پاڪستان جي شيعه مسلمانن تي تشدد جو پهريون واقعو نه هو، هي حملو سنڌ ۾ شهرين جو پهريون وڏو قتل عام سمجهيو وڃي ٿو. [3][2]

پسمنظر

[سنواريو]

سيد احمد بریلوي جي ميراث

[سنواريو]

سيد احمد بریلوي ۽ شاهه اسماعيل دهلوي ننڍو کنڊ ۾ شيعه مخالف دهشتگردي جا علمبردار هئا. باربرا ميٽ ڪاف چوي ٿو:

واقعو

[سنواريو]

يوم عاشورا جي ڏينهن 3 جون 1963 ع تي، ٺيڙھي ڳوٺ جي شيعان تازيا (علامتي سيج، يا ڏولي جھڙي پڙو جيڪو شيعا ماتم لاءِ کڻندا آھن) کڻڻ جي ڪوشش ڪئي . جڏهن اها خبر خيرپور جي ويجهي وهابي مدرسي تائين پهتي، ته مدرسي جا شاگرد ٺيڙھي ڏانهن ويا ۽ ٻنهي تيزيه ۽ امام بارگاه کي باهه ڏئي ڇڏي. ڪيترن ئي ماڻهن کي جيئرو ساڙيو ويو ۽ ٻين کي گوشت صاف ڪرڻ وارن ۽ ڇُرين سان قتل ڪيو ويو . [5]

واقعي کانپوءِ

[سنواريو]

پريس واقعي کي مناسب نموني سان ڪوريج نه ڏني، جيئن ته ڏوهارين ۽ متاثرين جي سڃاڻپ لڪائي وئي. [6] 16 جون ، ڇه ديوبندي تنظيمن لاهور ۾ هڪ عوامي گڏجاڻي جو بندوبست ڪيو، جتي هن متاثرين (شيعا) کي تشدد جو ذميوار قرار ڏنو. جولاءِ ۾ وڳوڙن (فسادن) جي جانچ لاءِ هڪ ڪميشن مقرر ڪئي وئي. ان جي رپورٽ ان سال ڊسمبر ۾ ڇاپي وئي، پر ان ۾ ڪنهن فرد يا تنظيم جو نالو ڪونه آيو. ڪنهن کي سزا به نه ڏني وئي هئي. [7]

بين الاقوامي ردعمل

[سنواريو]

انهيءَ وقت جي عالمي شيعه مذهبي اڳواڻ ، گرینڊر آيت الله محسن الحاڪيم ، پاڪستاني صدر محمد ايوب خان کي خط لکي انهي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي [8] .

به ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named "a2".
  2. 1 2 "Banned terrorist outfits trying to establish network in Interior Sindh". www.geo.tv. 8 June 2019 تي حاصل ڪيل.
  3. 1 2 Zardari, Shehnila (27 March 2015). "Unsupervised madrassas have destroyed Sindh's pluralism". The Nation (انگريزي ۾). 8 June 2019 تي حاصل ڪيل.
  4. "On June 6, 1963, at least 116 Shia Muslims were massacred – LUBP". lubpak. 8 June 2019 تي حاصل ڪيل.
  5. Eamon Murphy (18 October 2018). Islam and Sectarian Violence in Pakistan: The Terror Within. Taylor & Francis. ص. 77. ISBN 978-1-351-70961-3. 9 June 2019 تي حاصل ڪيل.
  6. Abbas Zaidi, "Covering Faith-Based Violence: Structure and Semantics of News Reporting in Pakistan", in: J. Syed et al. (eds.), Faith-Based Violence and Deobandi Militancy in Pakistan, Palgrave Macmillan, (2016).
  7. A. Rieck, "The Shias of Pakistan", pp. 109 – 114, Oxford University Press, (2015).
  8. S. W. Fuchs, "In a Pure Muslim Land: Shi'ism Between Pakistan and the Middle East", p. 113, The University of North Carolina Press, (2019).